شرافت راجپوت جا قاتل گرفتار ڪيو، عمرڪوٽ ۾احتجاج

عمرڪوٽ ( ڊ ر) مقتول شرافت راجپوت جي قاتل جي گرفتاري لاء مقتول جا وارث ۽ سڄاڻ ڌريون سراپا احتجاج، چوٿين ڏينھن به علامتي بک ھڙتال، احتجاج، انصاف نه ملڻ تائين جھدجھد جاري رکڻ جو اعلان. خبر موجب عمرڪوٽ شھر جي چانھيا پاڙو مان گوليون ھلائي قتل ڪيل شرافت راجپوت جي قاتل جوابدار جي گرفتاري لاء مقتول جا وارث ۽ سڄاڻ ڌريون مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آھن جن ڪالھ چوٿين ڏينھن به مقتول جي والد لياقت راجپوت، ڀاءُ عدنان راجپوت، شرافت ايڪشن ڪميٽي آڳواڻن حاجي ساند، گل بجير، سومار قادري بجير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تنبو لڳائي بک ھڙتال ڪئي ۽ قاتل جوابدار گرفتار ڪرڻ لاء نعري بازي ڪئي بک ھڙتال ڪئمپ تي سياسي سماجي اڳواڻن عمران علي ڪنڀر، ناھيد حسين خٽڪ، انجنيئر ڪانجي مل، سيد عباس علي شاھ علاما ارشاد علي عرفاني، ايڊوڪيٽ اعجاز علي ھاليپوٽو، نواز علي آريسر، آزاد لال حسين، محمد اسلم مھر، عبدالغفار ناگوري، مير معشوق پلي، وسيم خاصخيلي، شاھد ساند، شرڪت ڪئي قاتل جوابدار کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو اڳواڻن چيو ته اسان جي احتجاجي تحريڪ قاتل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تائين جاري رھندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.