سکر ۾ هٿيارن جي زور تي دڪان مان ڦر، فائرنگ،دڪاندار زخمي

سکر(رپورٽ: شفيع محمد ابڙو) سکر جي علائقي سائيٽ ايريا ۾ موجود ڪولڊرنگ جي دڪان تي ڏينهن ڏٺي ڦورن حملو ڪري اسلحي جي زور تي دڪاندار کان ڦر ڪئي جنهن دوران دڪاندار پاران ڦورن دڪاندار کي گولي هڻي زخمي ڪري فرار ٿيا ويا، جنهن بعد زخمي دڪاندار شبير لاکو کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شهر ۾ ڦرن، چورن ۽ ڌاڙن جي واقعن ۾ اضافي سبب شهرين ۾ پريشاني واري صورتحال آهي، جنهن سبب شهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سکر شهر ۾ سماجي برائين تي ڪنٽرول آڻي عوام جي جان و مال جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.