لاڙڪاڻي ۾ پسند پرڻي بعد ناري گم، مڙس کي قتل شڪ، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ حاجي ساجن پنهور جي رهواسي رڪشا ڊرائيور نوجوان مبينا اغوا ٿي ويل گهر واري جي بازيابي لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نوجوان عبدالوحيد پنهور دانهيندي چيو ته مون 8 مهينا اڳ ڳوٺ محمود پنهور جي رهواسڻ ناري افسانه پنهور سان پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد اسلام آباد مان دوڪي سان مون مٿان تشدد ڪري بيهوش ڪرڻ لاءِ انجيڪشن هڻي بعد ۾ گهر واري افسانه کي زبردستي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو، جنهن کي ٽي مهينا ٿي ويا آهن پر هن وقت تائين سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو. هن چيو ته گهر واري جي اغوا بابت مون رستم ٿاڻي جي پوليس کي دانهن ڏني، پر پوليس ڪارروائي نه ڪئي، خدشو آهي ته بااٿرن گهر واري کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.