خيرپور جي عدالت پاران ناري کي آزاد ڪرائڻ جو حڪم

خيرپور (  س ر ) خيرپور جي عدالت ناحق باندي بڻائيل ناريءَ کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او پيرڳوٺ کي ليٽر جاري. تفصيل مطابق خيرپور جي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج عبدالرحيم چانڊيو جي عدالت پيرڳوٺ ٿاڻي جي ٿاڻيدار کي ليٽر جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته تعلقه ڪنگري جي ڳوٺ عمر ڪانهر جي رهواسي فضل فقير، انور خان ڪانهر ۽ پير ڳوٺ جي سيد زمان شاهه وٽ ناحق باندي بڻائيل مسمات خورشيد زال معشوق علي مڱريو کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرائيو وڃي. عدالت اهڙي ڪاروائي مسمات خورشيد جي مڙس ڳوٺ ملنگ مڱريو جي رهواسي معشوق علي مڱريو جي طرفان داخل ڪرائيل درخواست بعد ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.