ڀرياسٽي لڳ حادثي جو زخمي اهلڪار فوت

ڀرياسٽي ( ن ع آ ) ڀرياسٽي گذريل ڏينهن قومي شاهراه تي روڊ حادثي فوت ٿيل پوليس اهلڪار عبدالرشيد لاڙڪ نواب  شاهه اسپتال ۾زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، ڀرياروڊ جي پوليس اهلڪار جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته فوتي پوليس اهلڪار جي جنازي نماز ڀرياروڊ لڳ سندس اباڻي ڳوٺ ابرهيم لاڙڪ ۾ ادا ڪئي جنهن علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن سميت ڊي ايس پي ڀريا عبدالستار اڄڻ۔ ايس ايڇ او ڀرياروڊ غلام مصطفي سيٺار سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مڙهه کي سوين آلين اکين سان مٽي ماء حوالي ڪيو ويو۔.ياد رهي هڪ ڏينهن اڳ قومي شاهراه تي تيز رفتار ڪار سوار اهلڪار کي ٽڪر هڻي فرار ٿي ويا۔ جنهن سبب اهلڪار زخمي ٿيڻ بعد اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.