فيض گنج جي شاخن ۾پاڻي کوٽ، علائقو ڀڙڀانگ

ڪرونڊي (رپورٽ : بابر چنا)فيض گنج تعلقي جي پڇڙي  ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، ھزارين ايڪڙ زمينون غيرآباد بڻجي ويون،آبپاشي عملدارن پاڻي کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو .منڍ جي بااثرن زميندارن کي ڪيلي جي فصل لاء پاڻي وڪرو ڪرڻ لڳا.جنهن سبب پڇڙي جي واھن ۽ شاخن ۾ واري اڏامڻ لڳي آهي . ۽  ھزارين ايڪڙ زمينون سڪي ٺوٺ ٿي ويون آهن .چوپائي مال جون چراگاھون به ختم ٿيڻ ڪري علائقن  ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ,جنهن سبب پڇڙي جا آبادگار توڙي ھاري فصل نه اپائڻ ڪري واپارين جي ڳاٽي ٽوڙ قرضن ۾ ڦاسي معاشي طور ڪنگال بڻجي ويا آهن .جڏهن ته تعلقي جا چار ئي واھ ويھو واھ ,علي نواز واھ ,پندرهيو واھ ۽ فيض گنج واھ پڪا ٿيڻ باوجود پڇڙي جي پاڻي تي بااثرن زميندارن جو ڌاڙو اڃا به جاري آهي، ايريگيشن عملدارن سان ڏيتي ليتي بعد ڏينهن ڏٺي جو سرعام  لفٽ مشين ذريعي پاڻي چوري ڪئي پئي وڃي ۽  پڇڙي جي آبادگارن  جون ھزارين ايڪڙ زمينون سڪي بنجر ٿيڻ سان گڏ چوپايو مال پاڻي پيئڻ لاء پريشان آهن پر ايريگيشن عملو بنا ڪنهن خوف جي پاڻي وڪرو ڪرڻ ۾ رڌل آهي، جڏهن ته پڇڙي ۾ سوين ايڪڙن زمين جا مالڪ پاڻي نه ملڻ سبب مزدوريون ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن،واهه پڪا ٿيڻ بعد پاڻي پڇڙين تائين پهچڻ جو واحد آسرو به آبپاشي عملدارن ۽ با اثرن جي ملي ڀڳت جي نتيجي ۾ فائديمند ثابت نه ٿي سگهيو آهي ، جڏھن ته  پڇڙين جي آبادگارن جي حصي مٿان ڌاڙو لڳڻ سبب اهي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽  منڍ جا با اثر زميندار آبپاشي عملدارن  جي آشيرواد سان ھزاري ايڪڙ ڪيلي جهڙو وڌيڪ پاڻي واپرائيندڙ فصل اپائي رهيا آهن،آبادگارن عبدالرحيم راڄپر  ,غلام شبير غلام قادر ,ايوب علي غلام مصطفى نور محمد ,سچل حسين ۽ ٻين عوامي آواز  سان ڳالھيندي چيو ته منڍ جي بااثرن واھن جو پڇڙيون سڪائي  ڇڏيو آهن . اسان جي ھزارين ايڪڙ زمينون غيرآباد پٽ پيل آھي پڇڙي ۾ مسلسل پاڻي جي کوٽ سبب وونئڻن سميت ڪوب  فصل ڪائي ن  سگھيا آھيان . زرعي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ سبب جر جو پاڻي به کارو ٿي ويو آهي .زرخيز زمينون سڪي ٺوٺ ٿي بنجر بڻجي ويون آهن .جنهن سبب چوپائي مال لاء چراگاھون پڻ ختم ٿي ويو آهي .اسان معاشي طور ڪنگال بڻجي ويا آهيون. زندگي جون خوشيون خاڪ بڻجي ويون آھن ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا آھن پر ڪوبہ ٻڌڻ وارو ناھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.