قومي اسيمبلي اجلاس جو ايجنڊا جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي سڀاڻي ٿيندڙ اجلاس جو ايجنڊا جاري ڪري ڇڏيو.

ايجنڊا موجب اليڪشن ايڪٽ ترميمي جو ٻيو بل گڏيل اجلاس ۾ موڪلڻ جي تجويز پيش ڪئي ويندي.

گڏيل ايجنڊا قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني مشير بابر اعواڻ پيش ڪندو.

پيش ڪيل ايجنڊا موجب ته سينيٽ 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل منظور نه ٿي ڪري سگهي.

سينيٽ اليڪشن ايڪٽ ترميمي ٻيو بل 90 ڏينهن ۾ منظور نه ٿو ڪري سگهي.

متن ۾ اهو به چيو ويو ته بلز جي منظوريءَ لاءِ پارلامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ موڪليو ويندو.

اليڪشن ايڪٽ ترمييم بلز ۾ چونڊن واري فهرست ٺاهڻ جو اختيار نادرا کي ڏيڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي.

حڪومت اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل منظور ڪرائڻ جي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ انٽرنيٽ ووٽنگ جي لاءِ قانون موجود آهي.

هڪ ترميم جي ذريعي چونڊ فهرستون ٺاهڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن کان وٺي نادارا جي نگراني ۾ ڪرائڻ جي به تجويز آهي.

ان حوالي سان صدر قومي اسيمبلي جو اجلاس جمعي جي ڏينهن صبح 11 وڳي گهرائي ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.