افغانستان ۾ نگران حڪومت قبول ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو: پاڪستان

 

دوشنبي(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ نگران حڪومت کي قبول ڪرڻ جي حوالي سان هن وقت تائين ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ۽ پاڪستان نگران حڪومت جو جائزو وٺي رهيو آهي.

دوشنبي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس کان اڳ ئي حڪمت عملي اختيار ڪئي هئي، مان افغانستان جي معاملي تي چئن ملڪن جو دورو ڪيو، وزيراعظم ايران ۽ قازقستان جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون آهن جنهن ۾ هن افغانستان معاملن تي پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي.

هن چيو ته روس، چين، پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن جي اهم ويهڪ ٿي آهي جنهن ۾ اها ڳالهه ٿي آهي ته افغانستان ۾ حالتن جو ذميوار ڪير آهي، هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي، سڀئي علائقائي ملڪ گڏجي صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن، اسان جو مقصد انساني الميي کان افغانستان کي بچائڻ آهي.

افغانستان جي نگران حڪومت کي قبولڻ بابت سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ نگران حڪومت کي قبولڻ واري معامري تي مشاورت ٿي رهي آهي، ان حوالي سان هن وقت تائين ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو، ڏسي رهيا آهيون ته افغان حڪومت ۾ سڀني گروپن جي شرڪت لاءِ ڇا ڇا ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.