عالمي برادري افغانستان جي مدد ڪري: وزيراعظم

 

دوشنبي(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي گادي واري هنڌ دوشنبي ۾ بيلاروس جي صدر سان ملاقات ڪئي آهي ۽ ٻه طرفا لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون ڪيون.

پڌرائي موجب ملاقات دوران افغانستان جي صورتحال تي به خيالن جو اظهار ڪيو ويو.

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي، پاڪستان افغانستان ۾ 40 سالن تائين عدم استحڪام جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي.

عمران خان جو چوڻ هو ته عالمي برادري کي افغانستان سان گڏ بيهڻ گهرجي، عالمي برادري کي افغانستان ۾ انساني بحران مان بچڻ لاءِ مدد ڪرڻ گهرجي، پاڪستان اهڙين ڪوششن جي حمايت ڪندو، اميد آهي ته عالمي برادري به افغانستان ۾ استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.

ان موقعي تي وزيراعظم بيلاروس جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي به دعوت ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.