دشمنن ڏي ڪن نه ڏيو، ڪنهن ۾ ويڇا ناهن: مريم نواز جو ڪارڪنن کي خطاب

 

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ نون جي نائب صدر مريم نواز ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته دشمن جي پروپيگنڊا تي ڪن نه ڏيو، نواز شريف ۽ شهباز شريف هڪ ئي ڳالهه آهن.

پارٽي جي تنظيمي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نون ليگ جمهوري پارٽي آهي، اختلاف ٿي سگهي ٿو پر ان جو اهو مطلب ناهي ته ڪير به قيادت تي سوال ڪري يا آڱريون کڻي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪومت سياسي مخالفن جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ان لاءِ مختلف هربا هلايا پيا وڃن.

احسن اقبال جو چوڻ هو ته چونڊن جون تياريون ايندڙ وقت ۾ ڌانڌلي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.

جڏهن ته راڻا تنوير حسين چيو ته هيءَ ظالم حڪومت آهي، هن کان ملڪ نٿو هلي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.