ميرپور ماٿيلو نرلي مائينر جي آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف ٻئي ڏينهن به مظاھرو

ميرپور ماٿيلو نرلي مائينر جي آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف ميرپورماٿيلو پھچي ٻئي  ڏينهن به  ڊي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،  ان موقعي تي اڳواڻن عبدالرزاق شر، لطف ميان شر، محمد نواز شر ۽ ٻين چيو ته  آبپاشي عملو وڏن بااثر آبادگارن کي پاڻي وڪرو ڪري رهيو آهي  جنھن سبب نرلي مائينر جا پوڇڙي جا آبادگار پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان آهن، ۽ ھزارين ايڪڙ زرعي زمين سڪي تباھ ٿي ويئي آھي ، ھنن چيو ته علائقي ۾ جر به  کارو ٿي ويو آھي ھنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته نرلي مائينر ۾ پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن هو سک جو ساهه کڻي سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.