سڳيون: آرائين برادري جي دوڪان مان ٿيل چوري واپس نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

سڳيون شھر مان هڪ ڏينهن اڳ آرائين برادري جي دوڪان مان ٿيل لکين رپين جي چوري واپس نه ٿيڻ خلاف  خلاف ڳوٺ عمر دين آرائين جي رهواسي محمد شهزاد آرائين ،سليم آرائين، شفيق آرائين، محمد اشفاق آرائين،نديم آرائين لياقت علي آرائين ۽ ٻين پاران ونگ شريف اسٽاپ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي محمد شهزاد آرائين ۽ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته محمد سليم آرائين جي موبائيل ڪميونيڪيشن جي دوڪان کي پنجون ڀيرو کاٽ هڻي چوري ڪئي وئي، هن ڀيري دوڪان مان هڪ لک ستاويھ ھزار جا موبائيل سيٽ ۽ٻيو قيمتي سامان چور ٻهاري ويا آهن،هنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سڳيون سوڀوديرو پوليس عملي خلاف هاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪرائينداسون ، جڏهن متاثر ڌر جي ڌرڻي کان پوءِ سڳيون پوليس ڪارروائي ڪندي شڪ تحت ٽن جوابدارن انعام مڱڻيجو، فدا حسين چنو شهر جو چوڪيدار حڪم علي ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري ۽ پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.