ايپل پراڻين آءِ فونز جي قيمتن ۾ گھٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

ايپل ڪمپني پنهنجي نئين آءِ  فون 13 مني، آءِ فون 13، آءِ فون 13 پرو ۽ آءِ فون 13 پروميڪس متعارف ڪرائڻ سان گڏ آءِ فونز جي پراڻي ماڊلز جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو به اعلان ڪيو آهي.

ڪمپني طرفان آءِ فون 12 مني، آءِ فون 12 اور ۽ آءِ فون 11 جي قيمتن ۾ 100 ڊالرز جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي.

100 ڊالرن جي گھٽتائي کان پوءِ 2020ع جو آءِ فون 12 مني هاڻ 599 ڊالرن (81 هزار پاڪستاني روپين)  کان وڌيڪ هوندو. جڏهن ته 2019ع جو آءِ فون 11 تاريخ جي گهٽ ترين قيمت 499 ڊالرز ( 97 هزار پاڪستاني روپين کان وڌيڪ) ۾ دستياب هوندو.

ان سان گڏوگڏ ڪمپني جي طرفان  آءِ فون 12 پرو ۽ آءِ فون 12 پروميڪس کي به ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

هاڻ اهي فون ماڪيٽ ۾ ته شايد ملي سگهن ٿا پر ايپل جي آفيشل چينيلز سان ان جي دستيابي ممڪن ناهي

انهن پراڻين آءِ فونز ۾ به آءِ او ايس 15 آپريٽنگ سسٽم کي به اپ گريڊ ڪرڻ ممڪن هوندو.

ياد رهي ته آءِ فون 13 مني جو 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 699 ڊالرز آهي جڏهن ته آءِ فون 13 جو 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 799 ڊالرز ۾ دستياب هوندو.

آءِ فون 13 مني ۽ آءِ فون 13 پري آرڊر 17 سيپٽمبر کان 24 سيپٽمبر تي صارفين جي لاءِ مارڪيٽ ۾ دستياب هوندو.

ساڳئي طرح آءِ فون 12 پرو جي قيمت 999 ڊالرز کان شروع ٿيندي جڏهن ته 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل هوندو.

آءِ فون 12 پرو ميڪس جي قيمت 1099 ڊالرز کان شروع ٿيندي جڏهن ته 128 جي بي وارو ماڊل هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.