ڪراچي ۾مزدورن جو فيڪٽري آڏو احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ مزدورن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ فيڪٽري آڏو مظاهرو، نعريبازي، سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن پاران ڊينم ڪلوٿنگ ڪمپني يونٽ نمبر 4 جي گيٽ آڏو مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين طرفان نعريبازي پڻ ڪئي وئي. مزدور اڳواڻن جو چوڻ هو ته احتجاج ڪرڻ تي فيڪٽري انتظاميا مزدور عامر ميمڻ ۽ اسد جمالي کي کنڀرايو آهي، بغير جواز ۽ شوڪاز نوٽيس ڏيڻ جي مزدورن کي نيڪالي به ڏني وئي آهي. هنن چيو ته کنڀيل مزدور بازياب ڪيا وڃن، گھٽ ۾ گھٽ اجرت 25 هزار ڏني وڃي، ٺيڪيداري نظام ختم ڪري مزدورن جو استحصال ڪرڻ بند ڪيو وڃي، سمورن مزدورن کي سوشل سيڪيورٽي ڪارڊ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.