نيب قومي ناڻي جا ڪروڙين رپيا وصول ڪري ورتا

 

لاهور(ويب ڊيسڪ)قومي احتساب بيورو (نيب) لاهور قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ ڪمپني کان ڪروڙين رپيا وصول ڪري ورتا.

نيب جي ترجمان موجب نيب لاهور قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ ڪمپني کان وڏي رقم هٿ ڪئي آهي.

ترجمان ٻڌايو ته ڊاريڪٽر جنرل(ڊي جي) نيب لاهور شهزاد سليم 11 ڪروڙ 64 هزار رپين جو چيڪ سرڪاري بينڪ جي حوالي ڪيو.

هن ٻڌايو ته ڪمپني 2017 ۾ قومي بينڪ جعلي ليٽر آف ڪريڊٽ جي ذريعي ڪروڙين رپيا ڪڍرايا هئا جنهن تي جوابدارن کان پلي بارگين ذريعي ڪروڙين رپيا هٿ ڪيا ويا.

سندس چوڻ هو ته نيب 4 سالن جي دوران بدعنوان عنصرن کان هن وقت تائين 535 ارب رپيا وصول ڪري چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.