ڪراچي ،ميرپورماٿيلو ۽ جھڏو جون خبرون

ڪراچي: ريلوي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

ميرپور ماٿيلو : نرلي مائينر جي  آبادگار پاران پاڻي جي  کوٽ خلاف احتجاج

جهڏو : سينئر صحافي رزاق عاصي جي گهر تي چڙهائي خلاف مظاهرو

1

ڪراچي ريلوي ٽريڊ يونينز ۽ ايسوسيئشن تي مشتمل گرينڊ الائينس تحت ريلوي جي نجڪاري، مسافرن ۽ مال بردار ٽرينن جي آئوٽ سورسنگ، ريلوي اسپتالن ۽ اسڪول جي وڪري، پرائيويٽ سيڪٽرز مان صلاحڪار مقرر ڪرڻ، ملازمن کي برطرف ڪرڻ ۽ انتقامي ڪارروائين خلاف سڄي ملڪ سميت ڪراچي ۾ به احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو ، جنهن ۾ ريلوي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مزدورن محمد نسيم رائو، منظور احمد ملاح، منظور احمد رضي، ڪامريڊ مجيد سولنگي، مشتاق احمد ٻرڙو  ۽ ٻين چيو ته اڻ لاڳاپيل ماڻهن کي وڏي پگهارن تي رکيو ويو آهي، جن کي ريل هلائڻ جو ڪو به تجربو ناهي.

2

ميرپور ماٿيلو ۾  نرلي مائينر جي  آبادگار پاران پاڻي جي  کوٽ خلاف ميرپورماٿيلو پھچي  ڊي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،  ان موقعي تي اڳواڻن عبدالرزاق شر، لطف ميان شر، استاد حاتن شر، محمد نواز شر ۽ ٻين چيو ته آبپاشي عملو وڏن بااثر آبادگارن کان رشوت وٺي پڇڙِي جو پاڻي بند ڪري ڇڏي ٿو،  جنهن ڪري انهن جي ھزارين ايڪڙ زرعي زمين سڪي تباھ ٿي ويئي آھي ھنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته نرلي مائينر ۾ پاڻي ڏئي انهن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي

 

3

سينئر صحافي رزاق عاصي جي ڪراچي جي سچل ڳوٺ جي علائقي ۾ گهر تي چڙهائي خلاف ميڊيا سينٽر جهڏو تي صحافي وسيم راهمون، اسحاق ساگر ڀٽي، سيف الله چانڊيو، ديشي نياز کوسو، غلام نبي پتافي، نصير ڀٽي ۽ ٻين پاران احتجاج ڪيو، ان موقعي تي صحافين خطاب ڪندي چيو ته رزاق عاصي کي حق سچ لکڻ تي طاقتور ڌريون هراسان ڪري رهيون آهن، گذريل رات پوليس ۽ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن گهر ۾ گهڙي ٻارڙن ۽ عورتن کي هراسان ڪيو، هنن چيو ته هو اعلي اختيارين خاص طور تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي اپيل ڪن ٿا ته هو  نوٽيس وٺي چڙهائي ڪندڙ اڻڄاتل ماڻهن کي ظاهر ڪري انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.