عدم اعتماد کان وڏي ڪا بيوقوفي ناهي، فضل الرحمان جو بلاول کي کَرو جواب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۽ جميعت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري جي بيان تي رد عمل ڏنو آهي.

حب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان کي استعيفيٰ نه ڏيڻ جا طعنا ڏيندڙ پاڻ عدم اعتماد پيش ڇو نٿا ڪن؟.

پيپلزپارٽي جي پنجاب ۾ تبديلي بابت خواهش جي سوال تي مولانا فضل الرحمان”عدم اعتماد، عدم اعتماد، عدم اعتماد“ جو ورجاءُ ڪندي طنزيا انداز ۾ چيو ته عدم اعتماد، اسان جي راءِ، وڏي عقل واري راءِ، ته پوءِ پيش ڪيو نه، آرام سان ڇو ويٺا آهيو؟

هن چيو ته اسان کي طعنا ڏيو ٿا، استعيفيٰ ڇو پيش نٿا ڪيو ته پاڻ عدم اعتماد ڇو نٿا پيش ڪيو؟ طاقتور آهيو ته عدم اعتماد پيش ڪيو نه، ڇو پيش نٿا ڪيو؟

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته 6 ميمبرن تي عدم اعتماد جي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي، ان کان وڏي بيوقوفي جي ڪا به ڳالهه نٿي ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.