اليڪشن ڪميشن تي سياست جو الزام، پي ٽي آءِ کي ايندڙ چونڊن ۾ شڪست نظر اچڻ لڳي؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ اندر تازين ڪنٽونمينٽ چونڊن ۾ ن ليگ جي پنجاب ۾ ڪاميابي تحريڪ انصاف لاءِ مٿو جو سور بڻجي وئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان ڪنٽونمينٽ چونڊن جي نتيجن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي تفصيلي رپورٽ پڻ طلب ڪئي هئي.

ڪنٽونمينٽ چونڊن ۾ ن ليگ پنجاب ۾ ميدان ماري ورتو آهي، پنجاب جي مختلف ڪنٽونمينٽ بورڊز جي سڀني 113 وارڊن جي غير سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ 51 سيٽن سان پهرئين نمبر تي رهي، جڏهن ته آزاد اميدوارن 32، پي ٽي آءِ 28، جماعت اسلامي ٻن وارڊن ۾ ڪاميابي ماڻي پر پ پ هڪ به سيٽ حاصل نه ڪري سگهي.

ان حوالي سان تحريڪ انصاف اڳواڻ خرم شير زمان چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ ادارو سياسي جماعت بڻجي چڪو آهي، ان نئين سياسي جماعت جو نالو اليڪشن ڪميشن آهي.

ويڊيو بيان جاري ڪندي خرم شير زمان چيو ته عام چونڊون، سينيٽ، ضمني، مڪاني چونڊون شفاف نموني ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، اليڪشن ڪميشن جو اهو ڪم ناهي ته اها سياسي جماعتن، حڪومتن کي سيکاري ته مشين ڪيئن ٺهندي آهي.

هن چيو ته مشين جي حوالي سان طريقي ڪار تي عمل ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، وزيراعظم جو نظريو آهي ته ملڪ ۾ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، شفاف چونڊ نتيجن لاءِ وفاقي حڪومت اي وي ايم مشين ٺاهي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اپوزيشن کي مشين پسند ناهي ته اهي ٻڌائين مشين ڪيئن ٺاهي وڃي؟ پر اهو ضرور يقيني بڻايو وڃي ته هارائيندڙ کٽيندڙ کي مبارڪون ڏئي.

خرم شير زمان چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊ سڌارن ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ بدران هڪ پارٽي بڻجي چڪي آهي، لڳي ٿو ڄڻ اپوزيشن وٽ ڪنهن وڏي بابو جي ويڊيو هٿ اچي وئي هئي، ويڊيو اخلاقي آهي يا غير اخلاقي ڪجهه نٿو چئي سگهجي، ان اليڪشن ڪميشن جي انتظام هيٺ چونڊون تڪراري ٿينديون، اليڪشن ڪميشن ۾ موجود ڪارين رڍن کي اداري مان ڪڍڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.