عمر شريف جو خاندان سنڌ حڪومت جو ٿورائتو، فنڪارن جي مدد جاري رهندي:سردار شاهه

 

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري ڪاميڊين ۽ اداڪار عمر شريف جي پُٽ جواد عمر سنڌ حڪومت جا سهائتا ڪرڻ تي ٿورا مڃيا آهن.

جواد عمر چيو ته مرتضيٰ وهاب، سردار شاهه ۽ سنڌ حڪومت جا ٿورائتا آهيون جن والد جي علاج لاءِ سهڪار ڪيو ۽ انهن سڀني جا به ٿورائتا آهيون جن والد جي عيادت ڪئي ۽ انهن جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي.

هن چيو ته منهنجي والد کي پاڪستان سان عشق آهي، اميد آهي ته والد صاحب جلد صحتياب ٿي ويندو، اسان رڳو ويزا جي انتظار ۾ آهيون، والد جي صحتيابي لاءِ قوم کان دعائن جي اپيل ڪيان ٿو.

عمر شريف جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جا ٿورائتا آهيون جن ايترو جلدي انتظام مڪمل ڪيا. منهنجي پيءُ جي اندر ۾ پاڪستان جي محبت آهي هن ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، ماڻهو ان سان بي انتها محبت ڪندا آهن. اسان عوام جي محبتن جا ٿورائتا آهيون.

مان پنهنجي پيءُ جي صحت جي لاءِ دعاڳو آهيان قوم کي به اپيل آهي ته ان جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وڃي.

ان موقعي تي ثقافت ۽ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته اسان نٿا چاهيون ته ڪنهن به آرٽسٽ جي مدد ڪري وري پوءِ ڳائيندا ورتون.

ثقافت کاتي ۽ سنڌ حڪومت سدائين ڪوشش ڪئي آهي ته تمام غريب ۽ مستحق فنڪارن جي سپورٽ ڪئي ويندي.

سردار شاهه چيو ته عمر شريف پنهنجو مثال پاڻ آهي، هو دنيا ۾ پنهنجو الڳ مقام رکي ٿو، عمر شريف جو ڪو به مَٽ ناهي، فنڪارن جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن، اهي ٽن لکن تائين جو علاج ڪنهن به اسپتال مان ڪرائي سگهن ٿا.

انکانسواءِ اينڊوومينٽ فنڊ به آهي جنهن ۾ ناليوارا ماڻهو ميمبر آهن، انڊوومينٽ فنڊ ذريعي فنڪارن کي وظيفو ڏيندا آهيون.

سندس چوڻ هو ته دعا آهي ته عمر شريف جو آمريڪا مان علاج ممڪن ٿئي ۽ هو جلد ئي هتي اسان جي وچ ۾ موجود هوندو ۽ ائين ئي کِلائيندو رهندو.

پريس ڪانفرنس ڪندي آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه چيو ته آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيندڙ پروگرامن، آرٽس ڪائونسل جي انفرا اسٽرڪچر ۽ هزارين فنڪارن جي وظيفي سميت سنڌ حڪومت سدائين فنڪار برادري جي مدد ڪئي آهي ۽ ساٿ ڏنو آهي.

هن چيو ته منهنجي دور جي 14 سالن ۾ ڪڏهن به فرمائشي فون ناهي آئي، سنڌ حڪومت جو اهو ظرف آهي.

سيد احمد شاهه جو چوڻ هو ته مرتضيٰ وهاب سان گهاٽو رشتو آهي ڏينهن رات ان سان رابطي ۾ هوندو آهي، آرٽس ڪائونسل جي سڄي فنڊنگ سنڌ حڪومت ڏيندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.