حب: جڏهن پنهنجا پٺ ۾ ڇرو هڻندا آهن ته تحريڪون ڪمزور ٿينديون آهن : مولانا فضل الرحمان

پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جڏهن  پنهنجا پٺ ۾ ڇرو هڻندا آهن ته پوءِ تحريڪون ڪمزور ٿينديون آهن ، 6 ميمبرن سان پنجاب سرڪار خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ جون ڳالهيون بيوقوفي کان سواءِ ڪجهه به  نه آهن . مولانا فضل الرحمان جامعا قاسم العلوم ڀواني حب ۾ جمعيت علماءِ اسلام  پاڪستان جي مرڪزي نائب امير مولانا غلام قادر قاسمي سان ان جي فرزند جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ صحافين سان ڳالهيون ڪيون، ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته بلوچستان حڪومت خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ صوبائي معاملو آهي ،لڳي ٿو ته مخالف ڌر وٽ نمبر پورا آهن جو ايترو وڏو قدم کنيو آهي ، ان جو ڪوئيٽا پهچي ئي جائزو وٺندس ، هن چيو ته آمريڪا شڪست کاڌل آهي اسان کي ڊڪٽيٽ ڪري ڇڏي ڏي،  هن چيو ته پي ڊي ايم ميڊيا سان گڏ آهي، ۽ ميڊيا تي بندش ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ،هن چيو ته عمران سرڪار سڀئي ادارا تباهه ڪري ڇڏيا آهن، بعد ۾ پي ڊي ايم اڳواڻ مولانا فضل الرحمان وڍ پهچي سردار عطاءُ الله مينگل جي لاڏاڻي تي سندس پٽ سردار اسد جان مينگل سان تعزيت جو اظهار ڪيو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.