ڪورنگي : سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن پاران ڊينم ڪلوٿنگ ڪمپني جي زيادتين خلاف احتجاج

سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن پاران ڊينم ڪلوٿنگ ڪمپني يونٽ نمبر 4 جي گيٽ آڏو ڪمپني انتظاميا جي زيادتين خلاف، مرڪزي چيف آرگنائيزر ياسين جھلڻ جي اڳواڻيءَ ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ملازمن احتجاج ڪندي چيو ته  ڊينم ڪلوٿنگ ڪمپني جي ظلم خلاف احتجاج جو اعلان ڪندڙ مزدور عامر ميمڻ ۽ اسد جمالي کي ناحق گرفتار ڪرايو ويو ،هنن چيو ته بغير جواز ۽ شوڪاز نوٽيس ڏيڻ جي نيڪالي ڏنل مزدورن کي بحال ۽  ٺيڪيداري نظام ختم ڪري مزدورن جو استحصال ڪرڻ بند ڪيو وڃي، هنن چيو ته سمورن مزدورن کي سوشل سيڪيورٽي ڪارڊ ۽  اِي او بي آءِ ڪارڊ ٺاھي ڏنا وڃن، ان موقعي تي سينيئر قومي اڳواڻ سيد مسعود شاھ، سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن جو مرڪزي آرگنائيزر ھمت ڦلپوٽو، مرڪزي آرگنائيزر اعجاز خاصخيلي، ڪراچي ڊويزن جو چيف آرگنائيزر امام بخش خاصخيلي،  ڊپٽي چيف آرگنائيزر رفيق جمالي، ۽ ٻيا موجود هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.