ڪراچي: فرنيچر خريداري ۾ گهوٻين جا الزام اجايا آهن:سعيد غني /سردار شاهه

سنڌ جي صوبائي وزيرن سعيد غني ۽ سيد سردار شاھ  چيو آهي ته اسڪولن لاء فرنيچر خريد ڪرڻ وارو طريقيڪار آزاد ۽ خود مختيار سينٽرل پروڪيورمنٽ ڪميٽي سرانجام ڏنو آهيم  ان سموري مرحلي ۾ ڪنهن به وزير جي مداخلت ناھي ،مخالفت ڌر جي اڳواڻ پاران لڳايل الزامن ۾ ڪنهن به قسم جي صداقت ناھي. سنڌ اسيمبلي اندر پريس ڪانفرنس ڪندي  سعيد غني چيو  ته مونکي خبر ناھي ته ڪجهه خانگي چينل فرنيچر جي خريداري جي حوالي سان سنڌ حڪومت پاران 3 ارب روپين جي گهوٻين واريون خبرون ڪيئن ٿا ھلائن ، گذريل اٺن سالن کان اسڪولن لاء فرنيچر خريد نه ڪري سگهيا آهيون، ھن چيو ته ٽي ڀيرا ٽينڊر ڪينسل ٿي چڪو آهي فرنيچر جي خريداري واري عمل کي صاف شفاف بڻائڻ چاھيون ٿا.ان موقعي تي تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ چيو ته مخالف ڌر جا اڳواڻ جيڪي ڊيسڪ سنڌ اسيمبليء اندر کڻي آيا آهن انهن کي چوندس ته انهن ڊيسڪن تي ويھي تعليم حاصل ڪن ، ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مون کي آئي ھڪ مھينو ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.