وفاق سنڌ حڪومت کي 3 ارب رپين جو قرض ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪامياب پروگرام تحت وفاقي حڪومت ٽن ارب رپين جو قرض فراهم ڪري ڇڏيو آهي.
وفاقي حڪومت جي اهڙي قرض فراهم ڪرڻ کانپوءِ سنڌ ۾ وفاقي پروگرام تحت 4 هزار کان مٿي نوجوانن کي روزگار ملي ويو آهي.
مليل قرض مان سهولتون وٺندي صوبي ۾ 3 هزار نوجوان پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري چڪا آهن ۽ وڌيڪ ٽي هزار نوجوانن کي قرض ڏيڻ جي لاءِ اهل قرار ڏنو ويو آهي جن کي جلد قرض فراهم ڪندي کين پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو.
ان حوالي سان عثمان ڊار چيو آهي ته سنڌ ۾ 10 ارب رپيا ورهائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، سڄي رقم ورهائينداسين.
هن چيو ته تمام جلد ڪامياب نوجوان پروگرام اسپورٽس ۾ انقلابي آڻي ڇڏيندو.
سندس چوڻ هو ته ڪامياب جوان اولمپڪ، ڪامياب جوان ٽيلينٽ ڳولڻ سميت راندين جا موقعا پيدا ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.