سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن شاگردن لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن صوبي جي شاگردن لاءِ وڏيون سهولتون متعارف ڪرائي ڇڏيون.

سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن سڄي صوبي ۾ مختلف نوان ڪورس، پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ٽيڪنيڪل بورڊ سي بي ٽي (ڪمپني ٽينسي بيسڊ ٽريننگ) پروگرام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ٽيڪنيڪل بورڊ جو ورچوئل پولي ٽيڪنيڪ پروگرام به ملڪ ۾ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ان ڏس ۾ ٽيڪنيڪل بورڊ چيئرمين ڊاڪٽر مسرور شيخ جو چوڻ هو ته سي بي ٽي پروگرام نيشنل ووڪيشنل ڪواليفڪيشن فريم ورڪ تحت تيار ڪيا ويا.

هن ٻڌايو ته ڪورونا ايس او پيز سبب ٽيڪنيڪي تعليم سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي، ٽيڪنيڪل ڪورس ۾ شاگردن کي گڏجي گروپ ۾ ڪم ڪرڻو هوندو آهي، ورچوئل پولي ٽيڪنيڪ ذريعي شاگردن کي گهر جي دَر تي ٽيڪنيڪي تعليم جي سهولت ملندي سگهندي.

سندس چوڻ هو ته آئوٽ ريچ ٽريننگ پروگرام لاءِ ٻين ادارن جو سهڪار گهربل هوندو، آن لائن انسٽيٽيوشنز ۽ انڊسٽري جي سهڪار سان ٽيڪنيڪي تعليم کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو، جڏهن ته ٽيڪنيڪل بورڊ تحت سنڌ ۽ سڄي ملڪ کي سموڪنگ فري زون بڻائڻ جي مهم به هلائي ويندي

ڊاڪٽر مسرور شيخ چيو ته ٽيڪنيڪل شعبي ۾ عوام جو رجحان گهٽ هجڻ الميو آهي، ٽيڪنيڪي سيڪٽر جا رڳو 2 سيڪڙو پبلڪ سيڪٽر ادارا، 273 انسٽيٽيوشنز آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.