مسٽر 10 پرسنٽ جي پٽ بلاول کي ڳوڙ ڳالهائيندي شرم اچڻ گهرجي: فياض الحسن

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت جي ترجمان فياض الحسن چوهاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ قيادت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

پنهنجي بيان ۾ فياض الحسن چوهاڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ ان جي ساٿين سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ بدانتظامي، ڪرپشن ۽ نااهلي عروج تي آهي.

هن چيو ته سنڌ کي بي دردي سان لُٽيندڙ ڏينهن ۾ خواب ڏسڻ ڇڏي ڏين، بلاول ڀٽو زرداري توهان کي اُجڙيل سنڌ نظر نه پئي اچي، کيس ڪوڙ ڳالهائيندي شرم اچڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته بوزدار حڪومت جي ڪارڪردگي سڀني صوبن کان بهتر آهي، عثمان بوزدار جي دور ۾ پنجاب جي هر ضلعي ۾ هڪ جهڙي ترقي ٿي رهي آهي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦرلٽ ڪندڙ ڪهڙي منهن سان پنجاب جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.

فياض الحسن چوهاڻ چيو ته بلاول ان پيءَ جو پٽ آهي، جنهن کي پاڪستان جو ٻچو ٻچو مسٽر 10 پرسنٽ سان سڃاڻي ٿو، مسٽر 10 پرسنٽ ۽ ان جو سڄو ٽولو ڪرپشن جي وهندڙ درياهه ۾ ٽٻيون هڻندو آهي، بلاول! توهان جي دال پنجاب ۾ نه ڳَري ۽ نه ڳرندي.

واضح رهي ته فياض الحسن چوهاڻ ان کان اڳ به بلاول ڀٽو زرداري کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ٻلو آهي، جيڪو سڄي سنڌ کائي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.