ميرپور ماٿيلو ، نوابشاھ ، باھو ۽ ميھڙ جون خبرون

ميرپور ماٿيلو : ڳوٺ ولي محمد واسڻ جو مختيارڪار ۽ يوسي سيڪريٽري خلاف احتجاج

نوابشاهه :آپڪا پاپوليشن جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرو، علامتي بک هڙتال

باهو کوسو: يوسي تاجو کوسو  جي  بي ايچ يو  ۾ پوليو مهم جي حوالي سان سکيا ڪئمپ

ميھڙ ڀرسان انڊس هاءِ  وي تي پيرسن عورت ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت

ميرپور ماٿيلو : کنڀڙا ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ملازم جي بازيابي لاءِ پيرا ميڊڪ جو مظاهرو

1

ميرپور ماٿيلو لڳ ڳوٺ ولي محمد ڪورائي جي رھواسڻ بيواھ عورت ارشاد بيگم  پاران مختيارڪار ۽ يوسي سيڪريٽري خلاف احتجاج ڪيو ويو ، بيواهه عورت چيو  ته سندس  مڙس امداد حسين ڪورائي ھڪ سال اڳ فوت ٿي چڪو آھي، ايترو عرصو گذرڻ باوجود مختيارڪار ميرپورماٿيلو ۽ يوسي سيڪريٽري ڍانگرو رٽائرڊمينٽ ۽ پينشن جي رقم جيڪا تقريبن ست لک روپيا ٺھي ٿي اها ادا نٿا ڪن ،عوامي آواز سان ڳالهائيندي ارشاد بيگم چيو ته گذريل ڪافي عرصي کان مسلسل آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پئي آهيان پر انھن جي ڪوڙن دلاسن آسرن کانسواء ڪجهه به  ناھي مليو، ھن چيو ته سندس مڙس 29 سال يونين ڪائونسل ڍانگرو ۾ نوڪري ڪئي تنھن باوجود کيس ان جو حق نه پيو ڏنو وڃي، حق گھرڻ تي کين ڌمڪايو پيو وڃي.

02

نوابشاهه ۾ آپڪا پاپوليشن جي ملازمن پاران پنھنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ شمس الدين ھوت، امجد علي بروهي، سميع الله ٻگھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران  احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کانپوءِ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان  موقعي تي ڳالهائيندي سندن چوڻ هو  ته ملازمن کي ڪورونا رسڪ الائونس ڏنو وڃي، سوشل ميل موبلائيزرن کي 11 هون گريڊ،، ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي، رھيل ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي، ھنن چيو ته جيڪڏهن اسان جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، جڏهن ته ان موقعي تي سعيد احمد راجپوت، عزيز الله ھوت، نور عالم لاشاري، جوسفن، ياسمين، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

03

باهو کوسو ۾  20 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي  حوالي سان يوسي تاجو کوسو  جي  بي ايچ يو باهو کوسو  ۾ سکيا ڪئمپ لڳائي وئي، ان موقعي تي يوسي تاجو کوسو جي ميڊيڪل افيسر ڊاڪٽر حبيب رحمان جکراني  يوسي پي او اصف احمد سرڪي جي  ايريا انچارج راجا خان جکراني نياز احمد گڄنيون  اعجاز احمد کوسو  ۽ يوسي جي پوليو ورڪر خليق زمان جکراڻي، وزير ٽانوري عبدالقادر ٽانوري  نياز احمد  کوسو هزار خان نندواني عمران نندواني عبدالرحيم بلوچ  ۽ ٻين چيو ته پوليو هڪ موذي مرض آهي، جنهن کان بچاءَ لاءِ 5 سالن تائين عمر جي هر ٻار کي پوليو کان بچاءَ جا  ڦڙا لازمي پياريا وڃن.  هڪ ڏينهن کان پنجن سالن تائين عمر جي سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري 20 سيپٽيمبر کان 26 سيپٽمبر 2021ع تائين شروع ٿيندڙ مهم کي ڪامياب بڻايو وڃي .

4

ميهڙ ڀرسان انڊس هاءِ  وي تي گاھي مھيسر چوڪ تي ميهڙ سي اين جي کان پيادل  روڊ ڪراس ڪرڻ دوران رفيق ٽائون جي رهواسڻ  50 ورهين  جي عورت حاڪم زادي زال عبدالڪريم کوسو مٿان ٽريڪٽر ٽرالي چڙهي وئي جنهن سبب عورت  موقعي تي ئي  فوت ٿي وئي ، فوتي  عورت جو  لاش پوسٽ مارٽم لاءِ  تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو جتي سندس لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته ٽريڪٽر ڊرائيور ٽريڪٽر ٽرالي ڇڏي موقعي تان فرار ٿي ويو ، پوليس ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

05

ميرپورماٿيلو  ۾ 5 ڏينھن اڳ ڪشمور کان واپس ايندي کنڀڙا ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل ھيلٿ ملازم سجاد ميراڻي بازياب نه  ٿيو، پيرا ميڊڪ طرفان بازيابي لاء ڊي ايڇ ڪيو اسپتال اڳيان احتجاج ڪيو ويو،  عملي پاران  ضلعي جي اسپتالن اندر ٽوڪن ھڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي  پيرا ميڊڪ اڳواڻن انعام مڱريو، ذاڪر بوزدار، حفيظ پتافي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ھيلٿ ملازم سجاد ميراڻي ۽ پنو عاقل واسي مختيار ڪلوڙ جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ، اڳواڻن چيو ته ايس ايس پي گھوٽڪي ٻن ڏينھن جي مھلت ورتي ھئي جيڪڏھن سجاد ميراڻي بازياب نه ٿيو ته سڀاڻي ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.