قمبر: فرينڊز ويلفيئر سوسائٽي پاران گندگي خلاف اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج

قمبر ۾ فرينڊس ويلفيئر ائنڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران شهر ۾ گندگي ميونسپل ڪاميٽي جي عملدارن جي نااهلي خلاف ڏهين ڏينهن پريس ڪلب اڳيان اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو  ، فرينڊس ويلفيئر ائنڊ ڊولپمينٽ جي اڳواڻن سڪندر جهنڊيل،اياز جمال چانڊيو،شاعر اشفاق چانڊيو،خالد حسين مارفاڻي،علي زيب گوپانگ،عباس چانڊيو،  ڪاشف حسين سومرو،همٿ علي ڦل،مخدوم چانڊيو ۽ ٻين ميونسپل عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو شهر جي قادري گرلز پرائمري اسڪول، راجا ڪالوني، چچا ڪالوني، تونيا محله ڪلر محله، ٻرڙا ڪالوني سميت ڪنهن به محلي جي صفائي نه ٿي ڪرائي وڃي،  هنن اعلان ڪيو ته سڀاڻي ڪفن پوش احتجاج ڪيو ويندو ۽ شهر مان صفائي نه ٿيڻ تائين احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.