سجاول؛ بجلي جي هٿرادو بندش خلاف عورتن جو مظاهرو، ڌرڻو، اياز شيرازي جي خاطري بعد ختم

سجاول شهر جي وارڊ نمبر 8 ۽ 9 ۾ واپڊا انتظاميا پاران ٽرانسفارمر خراب هجڻ جو جواز ڄاڻائي هٿرادو طور  بجلي جي چئن ٽرانسفارمرن کي گذريل پنجن مهينن کان بند ڪيو ويو آهي،  متاثر رهواسي عورتن رخسانا ميمڻ، حميده ۽ رحيمان جي اڳواڻي ۾ شهر جي پبلڪ پارڪ چوڪ وٽ مين روڊ تي سخت اس ۾ ٻن ڪلاڪن تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،  ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورتن  ڄاڻايل وارڊن ۾ گذريل پنجن مهينن کان مسلسل بجلي بند هجڻ خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته واپڊا انتظاميا ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، سخت گرمين باوجود هٿرادو نموني سان ساڙيل بجلي جي چئن ٽرانسفارمرن جي مرمت نٿي ڪرائي وڃي جنهن ڪري اسان جي وارڊن ۾ گذريل پنجن مهينن کان مسلسل بجلي بند پيل آهي، هنن چيو ته وارڊن ۾ بجلي جو بحران هجڻ ڪري علائقي واسي عذاب واري زندگيءَ گذاري رهيا آهن ليڪن ڪير به پڇڻ وارو ناهي، ان موقعي تي پ پ ايم اين اي اياز شاھ شيرازي احتجاج ڪندڙ عورتن وٽ پهچي کين خاطري ڪرائي احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرايو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.