ميروخان: ٽائون آفيسر ۽ گوسڙو ملازمن ۾ ڇڪتاڻ جاري، شهرين پاران احتجاجي مظاهرو

ميروخان ۾ ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو پاران 98 ڊيوٽيون نه ڪندڙ وائيٽ ڪالر ملازمن جي پگهار بند ڪرڻ تان ٽائون آفيسر ۽ ملازمن وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم نه ٿي سگهي ، شهر جي مختلف سياسي سماجي مذهبي اڳواڻن ۽ شهرين پاران محمد عظيم قريشي، صدام سولنگي، عبدالحميد فاروقي محمد علي ڀٽي ڪليم الرحمان تنيو نور حسين ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھرين هٿن ۾ شيٽون ۽ پلي ڪارڊ کڻي عبداﷲ ميڊيڪل ڪامپليڪس کان پريس ڪلب ميروخان تائين ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي سندس حق ۾ نعريبازي ڪئي ، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شهرين جو چوڻ هيو ته ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو ھڪ فرض شناس ۽ بھترين آفيسر آھي جنھن ٽائون آفيسر مقرر ٿيڻ بعد شھر اندر بھترين ڪم ڪيا ، ھنن وڌيڪ چيو ته ميروخان ٽائون آفيس اندر  سالن کان ڊيوٽيون ڪرڻ بنا گهر ويٺي پگهار کڻندڙ وائيٽ ڪالر گوسڙو ملازمن جي ٽائون آفيسر طرفان پگهار بند ڪري سٺو ڪم ڪيو ويو جنهن جي اسين به حمايت ڪريون ٿا، هنن چيو ته ٽائون آفيسر کي بليڪ ميل ڪندڙ ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ٽائون آفيسر کي ميروخان ۾ رهڻ ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.