فرنيچر جي خريداري ۾ ڪرپشن: سعيد غني ۽ سردار شاهه جي اهم پريس ڪانفرنس

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سڌ سماءَ بابت وزير سعيد غني چيو آهي ته اڃا تائين هڪ ڊيسڪ به ناهي آئي پر ماڻهن ان کي ڪٻاڙ ڊيسڪ بڻائي ڇڏيو، غريب آباد مان گهر جو فرنيچر خريد ڪري سگهجي ٿو اسڪول جو نه.

تعليم واري وزير سردار شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته اسڪولن لاءِ فرنيچر خريد ڪرڻ وارو طريقيڪار آزاد ۽ خود مختيار سينٽرل پروڪيورمنٽ ڪميٽي سرانجام ڏنو آهي، ان سموري پراسيس ۾ ڪنهن به وزير جي مداخلت ناھي، مخالفت ڌر جي اڳواڻ پاران لڳايل الزامن ۾ ڪنهن به قسم جي صداقت ناھي.

ھن چيو ته سينٽرل پروڪيورمينٽ ڪميٽي ھر پراسيس دوران نيب، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل، ھاءِ ڪورٽ ۽ اينٽي ڪرپشن کي اعتماد ورتو، جيڪڏهن ڪميٽي جي سٺن ماڻهن تي به تنقيد ٿيندي ته ماڻهو ڪميٽين ۾ اچڻ ڇڏي ڏيندا، غريب آباد مان گهر جو فرنيچر خريد ڪري سگهجي ٿو اسڪولن جو نه، جيڪو سستي بئنچ ڏئي رهيو آهي، اهو ٻولي ۾ حصو وٺندو ته ان کي ٽينڊر ملندو.

سندس چوڻ هو مون کي خبر ناھي ته ڪجهه نجي ٽي وي چينل سنڌ حڪومت بابت 3 ارب رپين جي گهوٻين جون خبرون ڪيئن ٿا هلائن، مخالف ڌر جا اڳواڻ سنڌ حڪومت ۽ پارٽي قيادت تي جيڪي الزام لڳائي رھيا آهن، انهن ۾ ڪا صداقت ناھي.

سعيد غني چيو ته گذريل اٺن سالن کان اسڪولن لاءِ فرنيچر خريد ناهيون ڪري سگهيا، ٽي ڀيرا ٽينڊر ڪينسل ٿي چڪو آهي، فرنيچر جي خريداري واري عمل کي صاف شفاف بڻائڻ چاھيون ٿا.

ان موقعي تي سيد سردار شاھه چيو ته مخالف ڌر جا اڳواڻ جيڪا ڊيسڪ سنڌ اسيمبلي اندر کڻي آيا، انهن کي چوندس ته ان ڊيسڪ تي ويھي تعليم حاصل ڪن.

هن دعويٰ ڪئي ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي خط ۾ خريداري ۾ ڪنهن بي قاعدگي جو ذڪر ناهي، مون کي ان معاملي جو علم نه هو پر سعيد غني شڪ شبها ختم ڪيا، اسان ويهي دستاويزن جو جائزو وٺنداسين، پروڪيورمينٽ ڪميٽي سان به ملنداسين ۽ انهن کان به معلوم ڪنداسين.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مون کي آئي ھڪ مھينو ٿيو آهي، اسڪولن جي وزٽ ڄاڻي واڻي نٿو ڪريان، ڪھڙي منهن سان اسڪولن جي وزٽ ڪريان، اسڪولن اندر فرنيچر ناھي، ٻار ھيٺ پٽ تي ويھي تعليم حاصل ڪري رھيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.