نه ڪي ايم سي پنهنجو ڪم پيو ڪري ۽ نه ڪي اليڪٽرڪ: سپريم ڪورٽ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته نه ڪي ايم سي پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي ڪي اليڪٽرڪ، جڏهن ته ڪو به نٿو چاهي ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ اونداهه هجي.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عمر عطا بنديا جي سربراهي ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) ۽ ڪي اليڪٽرڪ وچ ۾ رهتن جي تڪرار جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت ڪي ايم سي کي تڪرارن جي حل لاءِ ڪميٽيون ۽ ماتحت ڪميٽيون جوڙڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ادارن وچ ۾ تڪرار ٻڌڻ لاءِ نه قانوني مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ويٺي آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي اينرجي بل ادا ڪرڻ ڪي ايم سي جو ڪم آهي ۽ سنڌ حڪومت فنڊ ڏيڻ جي پابند آهي، ڪي ايم سي کي پنهنجو ريونيو پاڻ بڻائڻو پوندوآهي، ڪي ايم سي ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي پنهنجا معاملا گڏجي ويهي حل ڪرڻ گھرجن.

جسٽس عمر عطا بنديال جو چوڻ هو ته ڪو به نٿو چاهي ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ اونداهه هجي، ڪي ايم سي ۽ ڪي اليڪٽرڪ پنهنجا مسئلا مستقل حل ڪن، نه ڪي ايم سي پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي نه ڪي اليڪٽرڪ، ڪي ايم سي کي ڪي اليڪٽرڪ کي بهتر ٽرانسميشن لائنز بڻائڻ جو مشورو ڏئي سگھي ٿو، موجوده ڪيس ۾ ڪو به قانون نقطو نه آهي، رڳو عدالت وقت زيان ڪيو پيو وڃي، ڪي ايم سي کي خبر ئي ناهي ته ان کي ڪيتريون رهتون ادا ڪرڻيون آهن، اسان پئسي ۽ ڪاروبار جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ناهيون ويٺا.

جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.