ڪهڙا کاڌا ڊپريشن گهٽائي سگهن ٿا؟

 

مايوسي، بي چيني ۽ ڊپريشن جي ڪري سڄو جسم متاثر ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن اهڙو مرض مستقل طور ٿي وڃي ته فالج ٿيڻ جا امڪان به وڌي ويندا آهن.

ڊپريشن هڪ اهڙي خطرناڪ بيماري آهي جنهن جي ڪري انسان موت جي منهن ۾ به وڃي سگهي ٿو.

ماهرن موجب ان ڪيفيت دوران انسان کي سُٺي خوراڪ کائڻ جي ضرورت هوندي آهي، ڇو ته گهڻي قدر انسان ڊپريشن دوران سگريٽ جو استعمال گهڻو ڪندو آهي ۽ کاڌو به گهٽ کائڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي جنهن جي ڪري جسماني ڪمزور ۽ بلڊ پريشر جي خطرا به وڌي ويندا آهن.

اهو چوڻ سولو ناهي ته کائڻ ۽ پيئڻ جون ڪهڙيون شيون آهن جي ڊپريشن جو علاج ڪري سگهن ٿيون پر اهو ته ضرور چئي سگهجي ٿو ته گڏيل طور غذائيت سان ڀرپور خوراڪون توهان جي ذهني صحت لاءِ گهڻيون فائديمند هونديون آهن.

ڊپريشن مريض کي گهرجي ته هو وٽامن سي، وٽامن ڊي، بي وٽامنز، ميگنيشيم، سيلينيم ۽ زنڪ، ڪاربوهائيڊريٽس، اوميگا-3 فيٽي ايسڊز جو استعمال ڪري.

انکانسواءِ به ڪجهه خوراڪون آهن جيڪي ذپريشن جي مريض کي ڏيڻ سان ان جو ڊپريشن گهٽ ڪري سگهجي ٿو.

چاڪليٽ:

ماهرن چيو آهي ته چاڪليٽ اسان جي جسم ۾ بي چيني ۽ ذهني پريشاني ۾ 70 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪري سگهي ٿو.

انکانسواءِ به چاڪليٽ کائڻ انساني صحت جي لاءِ گهڻو فائديمند آهي، اهو دماغي ڪارڪردگي، مدافعتي قوت، رت جي وهڪري ۽ اعصابي ڪارڪردگي ۾ واڌ، وزن ۾ گهٽتائي ۽ دل جي بيمارين، فالج ۽ چمڙي جي بيمارين کان به تحفظ فراهم ڪندو آهي.

انڊا:

انڊن ۾ موجود وٽامن ڊي ڊپريشن ۾ گهٽتائي جو سبب بڻبي آهي جڏهن ته مختلف موسمي بيمارين جهڙوڪ کنگهه، زڪام ۽ ٿڌ کان به بچائيندو آهي.

اخروٽ:

اخروٽ جو استعمال جسم ۾ ڊيابطيس کان تحفظ ڏياريندو آهي جڏهن ته جسم ۾ پريشاني ۾ مبتلا ڪندڙ هارمون ۾ گهٽتائي آڻيندو آهي.

ڪيلا:

ڏينهن جي شروعات ئي ڪيلي کائڻ سان ڪجي ته توهان سڄو ڏينهن تازا توانا رهندا جڏهن ته ڊپريشن ۽ دماغي پريشاني ۾ گهٽتائي جي لاءِ به مددگار ثابت ٿيندو آهي.

پاڻي:

دماغ جي لاءِ آخري ۽ اهم شيءِ پاڻي آهي، اسان جي دماغ جو سڀ کان وڏو يا گهڻو حصو پاڻي تي مشتمل آهي، ان پاڻي ۾ معمولي گهٽتائي به توهان لا ذهني صحت جا مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي، جيئن ننڍي ننڍي ڳالهه تي ڪاوڙ ڪرڻ ۽ شين ڏانهن ڌيان ڪرڻ ۾ گهٽتائي وغيره.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.