عدليه کي اثاثن بابت جواب ڏيڻو پوندو: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته عدليا آزاد ضرور هجڻ گهرجي پر قانون کان مٿانهين ڪنهن به صورت ۾ ناهي، عدليا کي به اثاثن بابت جواب ڏيڻو پوندو.

اسلام آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته دنيا ۾ جمهوريت هڪ آخري ڪوڪي تي اٽڪيل آهي، سڄي دنيا ۾ انتهاپسندي وڌي رهي آهي، اهڙا ملڪ جتي صدين کان جمهوري روايتون برقرار هيون، اتي به انتهاپسندي پکڙجي رهي آهي، آمريڪا تائين ڪانگريس تي هٿياربند ماڻهو قابض ٿيا ته انهن کي نتيجا پسند نه آيا.

هن چيو ته عوام سياستدان کي ووٽ ڏئي حڪومت موڪليندا آهن پر ڪرپشن ۽ فراڊ جو جواب عدالت ۾ ئي ڏيڻو پوندو، آزاد عدليه کان سواءِ جمهوريت بحال ٿيڻ ممڪن نه آهي، عدالت آزاد ضرور هجڻ گھرجي پر قانون کان مٿانهين ڪنهن به صورت ۾ نه.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.