سنڌ حڪومت به ڪورونا پابندين ۾ نرميءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاق کانپوءِ سنڌ حڪومت به ڪورونا پابندين ۾ نرميءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

گذريل ڏينهن نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر ۾ گهٽتائي کانپوءِ پابندين ۾ نرميءَ جو اعلان ڪندي چيو هو ته سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا 16 سيپٽمبر کان کوليا ويندا، تعليمي ادارن کي 50 سيڪڙو حاضري سان کوليو ويندو ۽ متبادل ڏينهن ڪلاسون ٿينديون.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو هو ته ڪورونا پکيڙ وارن ضلعي کي ڇڏي سڄي ملڪ ۾ مارڪيٽون رات 10 وڳي تائين کليل رهنديون، جڏهن ته رات 12 وڳي تائين ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور ڊائننگ جي اجازت هوندي، ويڪسينيٽڊ ماڻهن سان 200 ماڻهن جي ان ڊور تقريب جي اجازت هوندي ۽ آئوٽ ڊور 400 ماڻهن کي تقريبن ۾ شرڪت جي اجازت هوندي.

هاڻ سنڌ حڪومت به مارڪيٽون رات 10 وڳي تائين کولڻ جي اجازت ڏيندي انڊور ڊائننگ به کولي ڇڏي آهي ۽ انڊور ڊائننگ جي رات 12 وڳي تائين اجازت هوندي.

نوٽيفڪيشن موجب انڊور شادي سميت ٻين تقريبن جي به اجازت ڏني وئي آهي، انڊور شادي سميت ٻين تقريبن ۾ 200 ماڻهن کي شرڪت جي اجازت هوندي، جڏهن ته اوپن ايئر ۾ شادي سميت ٻين تقريبن ۾ 400 ماڻهو شامل ٿي سگهندا.

سنڌ حڪومت چيو آهي ته مارڪيٽن، شاپنگ مالز، دڪانن تي ايس او پيز جو جائزو وٺڻ لاءِ ٽيمون وزٽ ڪنديون، جڏهن ته گهران ڪم ڪرڻ جو شرط به ختم ڪيو ويو آهي ۽ آفيسون ۾ 100 سيڪڙو عملو ڪم ڪري سگهندو.

پڌرائيءَ موجب پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ 50 سيڪڙو، جڏهن ته ٽرينن ۾ 70 سيڪڙو مسافرن کي سفر جي اجازت هوندي.

سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ رڳو مارڪيٽون آچر ڏينهن بند رکيون وينديون، جڏهن ته هفتي جا 6 ڏينهن مارڪيٽون رات 10 وڳي تائين کولڻ جي اجازت هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.