مرتضيٰ ڀٽو جا قاتل گرفتار ڪريو، جوهي ۾ ش ڀ جو مظاهرو

جوهي ( ن ع آ )  جوهي ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران  مير مرتضيٰ  ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پ پ شهيد ڀُٽو  اڳواڻ يوسف سولنگي، محمد هاشم کوسو. خادم حسين سومرو،  علي گوهر لنڊ،  جاويد پٺاڻ، سراج ٻٻر رحمت الله، رند، علي اصغر جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلاول پارڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل وريس ڪلب  وٽ ڌرڻو هنيو ويو،  اڳواڻن موجب شهيد مير مرتضيٰ ڀُٽو جو قتل وڏو سانحو آهي کيس سازش تحت قتل ڪيو ويو، سندس قاتل اڃا تائين گرفتار ناهن ڪيا ويا , هنن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري ڦاهي تي لٽڪايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.