سراج الحق جون ڪنٽومنٽ بورڊ چونڊ ۾ڪامياب اميدوارن کي واڌايون

لاهور( م ڊ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق ڪنٽومنٽ بورڊ ۾ جماعت اسلامي جي انتخابي پيش رفت جي حوالي سان اداري نورحق ۾ منعقد ڪيل اجتماع ارڪان کي ٽيلي فونڪ خطاب ڪندي چيو آهي ته آئون چونڊن ۾ڪامياب ٿيڻ وارن سمورن اميدوارن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. الله تعالي انهن کي وڌيڪ همت طاقت ۽ صلاحيت عطا ڪري. راولپبنڊي، مردان ۽ نوشهره ۾ به جماعت اسلامي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. عوام جماعت اسلامي جي نمائندن تي جنهن اعتماد ۽ ڀروسي جوا عتبار ڪيو آهي اهي ان تي ان شاء الله ضرورو پورو لهندا. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان، ڊاڪٽر اسامه رزي، اليڪشن سيل انچارج راجا عارف سلطان، ڊپٽي سيڪريٽري عبدالواحد شيخ ۽ سيڪريٽري ڪراچي منيم ظفر خان سميت ميمبرن شرڪت ڪئي. ڪينٽونمنٽ بورڊ جي حلقن مان جماعت اسلامي جي. ضلعي اڳواڻن سيد شاهد هاشمي، سيد عبدالرشيد، توفيق الدين صديقي ۽ عبدالجميل خان پڻ خطاب ڪيو ۽ چونڊن جو جائزو پيش ڪيو. هوڏانهن مرڪزي پارلياماني بورڊ جي اجلاس کي خطاب ڪندي امير جماعت اسلامي سراج الحق واضح ڪيو آهي ته جماعت اسلامي ماضي جي روايتن کي برقرار رکندي ايندڙ چونڊن ۾ به ايماندار ۽ قابل ماڻهن کي اڳيان آڻيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.