ڪلوئي جي مختيارڪار کي هٽايو وڃي:سماجي اڳواڻ

شادي لارج  (ن ع آ) شادي سوشل ورڪر فورم جي اڳواڻ ارشاد علي لنڊ چيو ته پ پ ٿر قيادت ٻڌائي ته ڪهڙي مجبوري جي ڪري هو هڪ ڪرپٽ ڪاموري خلاف ڪارروائي کان لاچار آهن، 2 سالن ڪلوئي تي ڪابض مختيارڪار سجاد انصاري هڪ ڏينهن به ڊيوٽي نه ڪئي آهي جڏهن ته سندس خلاف آواز اٿاريندڙن سان بار بار بدمعاشي ڪندو رهيو ان باوجود اختياريون توڙي ٿر جا چونڊيل نمائندا ڪارروائي کان ڪاثر آهن  ٿر ۾ لنڊ برادري جا پنجاهه هزار کان وڌيڪ ووٽ آهن پ پ قيادت جي خاموشي سندس ووٽ جو تقدس پائمال ڪري رهيو آهي مٺي ۾  کليل ڪچهري ۾ مختيارڪار ڪلوئي خلاف احتجاج ڪرڻ تي سماجي اڳواڻ رمضان لنڊ کي ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍڻ مذمت جوڳو عمل آهي پ پ قيادت کي فوري نوٽيس وٺي نااهل مختيار ڪار ڪلوئي سجاد انصاري کي فوري هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.