خيرپور ۾پ پ اڳواڻ شيراز شوڪت راڄپر جون مختلف هنڌن تي تعزيتون

خيرپور (ڊر ) پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري بئريسٽر شيراز شوڪت راڄپر جا خيرپور ضلعي ناري تعلقي جي مختلف علائقن چونڊڪو, تجل,مثالي ڳوٺ ,کينهواري,۾ دورا ,تعزيعتون ڪيون ان موقعي تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل پ پ پ جيالي غريب نواز سهتو جي وارثن سان ، ڳوٺالھ اوڀايو شر ۾ ڀت ڪرڻ سبب ٽي ماڻھون فوت ٿيڻ سبب انهن جي وارثن سان ،سماجي اڳواڻ تراب آرادين جي پٽ جي انتقال تي تعزيت ڪئي ۽ نورمحمد مهراڻي سميت پارٽي ورڪرن سان تعزيعتون ڪيون ۽ ,پارٽي اڳواڻن خالد راڄپر,علي بخش شر,ڪوڙل سهتو,خان سهتو,سان ملاقاتون ڪيون ۽ پارٽي ورڪرن انور ملاح,غلام فاروق شر,قربان شر,سڪندر راڄپر,ثابط شر ,لياقت ڪيريو,سميت ڪيترن ڏنل آجياڻين تقريبن ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي بئريسٽر شيراز شوڪت راڄپر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ ايندڙ حڪومت پاڪستان پيپلزپارٽي جي آهي .ناري جا مسئلا ترجيعي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون وفاقي حڪومت ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي پ پ پ ڪارڪن بلدياتي اليڪشن ۾ تياري ڪن بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ پ جا اميدوار سوڀارا ٿيندا ان موقعي تي ساڻس سردار ظهير خان حاجاڻو,اطهر علي لاشاري,پ پ پ ليڊيزونگ ضلعي خيرپور جي صدر ايڊووڪيٽ زينب بلوچ,زنوار منظور حسين زرداري,طاهر عباس حاجاڻو,آمنه شر,عظيمان خاصخيلي سميت پارٽي اڳواڻ ساڻس گڏ هيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.