لاڙڪاڻي ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) اوستا محمد جي رهواسڻ ناري مهڪ ناز ايري ميروخان تعلقي جي ڳوٺ قائم خان چانڊيو واسي نوجوان سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو جنهن پنهنجي مڙس سان گڏجي تحفظ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مهڪ ناز پنهنجي مڙس ذاڪر چانڊيو سان گڏجي صحافين آڏو دانهيو ته ڪجهه مهينا اڳ منهنجو موبائيل ذريعي ميروخان جي ڳوٺ قائم خان چانڊيو جي رهواسي نوجوان ذاڪر حسين چانڊيو سان رابطو ٿيو جنهن کان پوءِ اسان هڪٻئي کي پسند ڪرڻ لڳاسين ۽ بعد ۾ مون پنهنجي خوشي سان ذاڪر حسين چانڊيو سان 25 جولاءِ تي لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو. هن چيو ته پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد منهنجا والدين اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته گرفتار سهري کي آزاد ڪري ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.