قمبر ۾پ پ ايم پي اي پاران سول اسپتال جو دورو

قمبر ( ڊ ر) قمبر پ پ ايم پي اي نوابزاده برهان خان چانڊيو جو سول اسپتال قمبر جو اوچتو دورو دوري دوران برهان خان چانڊيو ايمرجنسي وارڊ سميت اسپتال جي مختلف وارڊن جو دورو ڪيو ۽ ڊاڪٽرز کان ڊيلي او پي ڊي جا تفصيل ورتا گڏوگڏ ڪرونا ويڪسين سنيٽر جو پڻ دورو ڪيو ۽ ويڪسينيٽر کي هدايت ڪئي ته ويڪسين ڪرائيندڙ کي وڌ کان وڌ ريلف ۽ سهولتن ڏنيون وڃن جڏهن ته ان موقعي پ پ ايم پي اي نوابزاده برهان خان چانڊيو چيو ته پ پ هميشه غريب ماڻهو جي فلاح ۽ بھبود سميت صحت لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪيون آهن ۽ صحت جا بهترين اداره ٺاهي ڪري عوام جي خدمت ڪئي آهي، ايم پي اي برهان خان چانڊيو سان ايڪٽنگ  ايم ايس سعيد احمد مينگل،ڊاڪٽر محمد نواز ڪمالاڻي،ڊاڪٽر پون ڪمار ساڻس گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.