بهادر پور ۾ آل ڪلارڪ ايسوسيئيشن پاران ڪم ڇڏ هڙتال

بھادر پور  ( ن ع آ ) آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئشن لاڙڪاڻو ڊويزن طرفان ڏنل چارٽر ڊمانڊ تي عمل ڪيو ويو، ميونسپل ڪاميٽي پاران ميونسپل جي ملازمن جو ڏھين ڏينھن به آفيس اڳيان ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ڇڏي نصر الله ڊومڪي، سليم پيچوھو، زين ميمڻ, عبدالفتع سومرو, ۽ جنيد شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو اڳواڻن جو چوڻ ھو 7 مھينن کان اسان جي ويھه پرسنٽ واڌ پگھار جو رھيل ڊفرنس نه ٿو ڏنو وڃي، اي ڊي سي 1 ذوالفقار دائودپوٽو اسان کي واڌو بل نٿو ڏي ۽ اسان کي ڌمڪيون ڏئي ٿو  کيس فورن ھٽايو وڃي ملازمن چيو ته اسان جا جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، وڏو وزير، صوبائي صلاح ڪار مير اعجاز جکراڻي، ڊي سي نوٽيس وٺي جائز مطالبا پورا ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.