سيوهڻ ۾ پرڻيل ناري کي ڌمڪيون، نڪاح ٽوڙائڻ لاءِ دٻاءُ، احتجاج

سيوهڻ  ( ن ع آ ) سيوھڻ جي ڪانگڙي پاڙي واسڻ نوجوان شادي شده ناري صائمه زال راجا کوسو پنهنجي پيءُ قادر بخش ڪانگڙي جي ڏاڍ ۽ ظلمن خلاف پنھنجي امڙ سان گڏ سيوهڻ پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي متاثره ناري الزام مڙهيندي چيو ته 2 مھينا اڳ مون پنهنجي رضا خوشيءَ سان سيوھڻ ڪورٽ ۾ راجه کوسو نالي شخص سان پيار جو پرڻو ڪيو ھو ان تي منهنجو پيءُ  قادر بخش ڪانگڙي جيڪو نشو واپرائڻ جو عادي آهي، ھو نشي ڌت ٿي روزانو مون کي ۽ منهنجي مڙس ۽ ان جي فيملي کي ڌمڪائي رهيو آهي ۽ ھو ھن وقت مڙس کان الڳ ڪري مون کي ٻئي هنڌ وڪرو ڪرڻ ٿو چاهي جڏھن ته مان پنھنجي گھرواري سان خوش آھيان، چيف جسٽس، وڏو وزير  ۽ ايس ايس پي ڄامشورو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.