حيدرآباد ۾ شهري جو شاهينگ خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي لياقت ڪالوني واري علائقي جي رهواسي عثمان علي پٽ اقبال احمد علائقي ۾ بدامني خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هن چيو ته مهينو اڳ شاهينگ کيسي مان موبائيل فون چوري ڪئي، جنهن جي رپورٽ مون انتظاميه کي ڏني هئي ته منهنجي فون ۾ پيل سمون بند ڪرايون وڃن ۽ موبائيل جي لوڪيشن ٽريس ڪري موبائيل چور گرفتار ڪيا وڃن پر اڃا تائين موبائيل واپس ناهي ملي ۽ چور پڻ ناهن مليا. هن چيو ته کيس خوف آهي ته هن جي سمن جو ڪٿي غلط استعمال نه ڪيو وڃي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.