چيلهار ۾ اسٽريٽ لائيٽون خراب، شهري پريشان

چيلھار ( ن ع آ ) چيلھار ۾ اسٽريٽ لائيٽو بند انتظاميان ڌيان نه ڌريو خبر موجب: چيلھار ۾ اسٽريٽ لائيٽون ڪيترن ئي سالن کان خراب پيل آھن جنھن کي ذميوار انتظاميان ھيل تائين ناھي ٺھرايو لائيٽو نه ٺھرائڻ ڪري شھر جي  جا 4 ئي وارڊ رات جي وقت اونڌائي ۾ ٻُڏل آھن شھر ۾ بجلي ۽ شمسي ٻنھي سسٽم جون اسٽريٽ لائيٽون لڳايون ھُيون جيڪي بند آھن جڏھن ته شھر جي مختلف پاڙن توڙي عوامي ھنڌ سميت مارڪيٽن اڳيان اسٽريٽ لائيٽو بند ھُئڻ ڪري شھرين توڙي ڪاروباري ماڻھن کي مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن ھتي جي رھيواسين جو چوڻ آھي ته جلد کان جلد اسٽريٽ لائيٽون کولرائي رات جي وقت شھر کي روشن ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.