صالح پٽ ۾ آبادگارن کي پاڻي نه مليو، سکر ۾ احتجاج

سکر (رپوٽر) صالح پٽ نارا ڪينال مان نڪرندڙ آرڊي 104 چينل تي انچارچ جا آبادگارن سان ڪلور ووئڻن جو فصل سڙي تباهه ڊائريڪٽر سيڊا نوٽيس وٺي انصاف ڪري خبر موجب نارا ڪينال مان نڪرندڙ آرڊي 104 چينل جي آبادگارن بگن شنباڻي،پنهل منڱريو،جمال الدين بلوچ ڄيٺا مل ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته چينل جي انچارچ ماڻهن کان پيسا وٺي 15 کان مٿي غير قانوني رول هڻائي ڇڏيا جنهن جي ڪري پڪا ٿيل واٽر ڪورسن تي پاڻي نٿو چڙهي جنهن جي ڪري فصل سڙي تباهه ٿيا آهن آبادگان جي احتجاج کان پوءِ ڊائريڪٽر جي حڪم تحت بيلدار  غير قانوني رول پٽڻ لاءِ ڪرين مشين  گهرائي فارملٽي پوري ڪرڻ لاءِ  صرف رولن جا منهن بند ڪرائي ڇڏيا بيلدار جي اهڙي عمل خلاف آبادگارن انجنيئر، سروير کي آگاهه ڪيو مگر ڪو کڙ تيل نه نڪتو،  هنن ڊائريڪٽر سيڊا کان گهر ڪئي ته چينل جي انچارچ بيلدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان مسڪين آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.