مٺياڻي ۾ سيپڪو زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

مٺياڻي ( ن ع آ ) مٺياڻي ڀرسان سھڙا ۾ سيپڪو جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو منير ڪوريجو ،  ظھير ڪوريجو،  واحد بخش سومرو ، مجن چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ،  جتي سيپڪو خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن صحافين کي ٻڌايو ته ڳوٺ سھڙا ۾ موتمار گرمي ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان بجلي جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنھن ڪري اسان سخت ڏکيائين کي منھن ڏئي رھيا آھيون، بجلي نه ھئڻ ڪري چورين جو آزار پڻ وڌي ويو آھي،  جنھن ڪري اسان راتيون جاڳي ڪاٽڻ تي مجبور آھيون، ھنن وڌيڪ چيو ته سيپڪو اختيارين اڳيان دانھيندي ٿڪجي پيا آھيون ته سندن ڪن تي جو به نه ٿي چري، ھنن وڌيڪ چيو ته احتجاج ڪرڻ تي  ميٽر ريڊر خالد شيخ، ڊڊيڪشن ھڻي ڳرا بل موڪلي پريشان ڪري رھيو آھي ڳوٺ سھڙا مان ھٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڊڊيڪشن بل واپس ورتا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.