نئون آباد مان راما پير جي ميلي لاءِ ياترين جو جٿو روانو

نئون آباد (ن ع آ) هر سال جيان هن سال به نئون آباد  مان راما پير جي ميلي جو جٿو  سيٺ گلاب راء سيٺ اشوڪ ڪمار جي اڳواڻي ۾ نهايت احترام عقيدت ۽ وڏي جوش ۽ جزبي سان نڪتو آهي. شري رام راما پير صاحب جي ميلي ٽنڊو الهيار لائي ويندڙ ياترين جو جٿو  جتي پهچي ٿو، اتي سندن شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي پئي وڃي. ياترين سان گڏ وڏي دجا جهنڊو جيڪو احترامن مٿي کنيل هوندو ڪنهن به  صورت هيٺ زمين تي نه رکيو ويندو  ۽ ان سان  گڏو گڏ 100 ڪلو جي هڪ ٻوري چانورن جي نهايت خوبصورت سينگاريل ٻوري ساڻ مٿي تي کنيل هوندي جيڪا پند کٽڻ کان  اڳ زمين ته  نه رکي ويندي اها 100 واري وزني ٻوري رام پير جي ميلي ۾  زمين تي لاٿي ويندي .هتي پهتل  جٿي جو چوڻ هلندي هلندي  رستي ۾ هنڌان هنڌان ڳوٺن ۽ شھرن مان به سوين قافلا پاندئيڙا شري راما پير  جي جٿي م شامل ٿيندا  هزارن جي تعداد م تبديل ٿي وڃن ٿا  ۽ شري راما پير صاحب جي  مندر ٽنڊوالهيار پهچندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.