راضي ديري ۾سيال برادري جي معزز عبدالرزاق سيال جي پهرين ورسي، ڀيٽا پيش

راضي ديرو (ن ع آ) راضي ديرو لڳ نبي بخش سيال ڪيٽي جي علي نواز سيال جي ڳوٺ ۾ مرحوم عبدالرزاق سيال جي پهرين ورسي ملهائي وئي مرحوم جي وارثن غوث بخش سيال سرفراز احمد سيال محبت علي سيال درمحمد سيال جن اڄ پهرين ورسي جي موقعي تي ايثال ثواب لاء نعت خواني منعقد ڪرائي وئي جنهن ۾ سنڌ جا ناليوار علام ۽ نعت خوان غلام مصطفه جيسر خان بهادر پٽاڻ جن مٺڙي محمد صلي الله عليه واعليه  وسلام جن جي شان ۾ نعت خواني پڙهي وئي مرحوم جي ياد کي تازو ڪيو ويو جنهن موقعي تي علائقي ۽ پرڀاسي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آخر ۾ دعا خير سائين محبوب علي شاه لاڙڪاڻي واري کان دعا گهرائي وئي جنهن بعد خيرات جي ماني ڪارائي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.