لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽرن جي وڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪرڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ ٻارن جي ماهر ڊاڪٽر شاني لال سميت ٻين ڊاڪٽرن کي مبينا طور بليڪ ميل ڪري سندن جا ويڊيوز سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪرڻ واري عمل خلاف ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئشن ۽ ۽ ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسيئشن طرفان ڪالهه ٻئي ڏينهن به ٻن ڪلاڪن تائين ٽوڪن هڙتال ڪري پيدس بلاڪ شيخ زيد چلڊرين اسپتال ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽرن ڊاڪٽر فضل قادر کوسو، ڊاڪٽر احسان ملڪ، ڊاڪٽر فهيم خشڪ، ڊاڪٽر محمد زمان، ڊاڪٽر سعيد، ڊاڪٽر زوريا ۽ ٻين چيو ته ڊاڪٽر برادري هميشه بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ فرق جي مريضن جي علاج ۾ سخت محنت ڪري ايمانداري ۽ ذميواري سان ڊيوٽيون ڪندا آهن پر ان جي باوجود ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ڊاڪٽرن ۽ عملي جي تذليل ڪرڻ سان گڏ ويڊيو ڀري بليڪ ميل ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن ڀتو گهري پنهنجي ڪم کان روڪيو ويندو آهي اهڙو ئي واقعو گذريل 11 سيپٽمبر تي پيش آيو جنهن ۾ هڪ بليڪ ميلر ارسلان حبيب چانڊيو هڪ عورت کي ڊاڪٽر شانتي لال وٽ آڻي ويڊيو ڀري ڪوڙو ڊرامو ڪيو ۽ اها ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڊاڪٽرن جي ساک کي نقصان پهچايو  چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو نوٽيس و ٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.