پ پ سدائين ماڻهن کي سهولتون ڏنيون:ناصر شاهه

ملير (ڊ ر) صوبائي وزير پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ ۽ بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه پاران ريڙهي ڳوٺ ۾ آر او پلانٽ جو افتتاح، پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ سدائين عوام جا مسئلا حل ڪري بنيادي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، ريڙهي ڳوٺ جي عوام جي پاڻي جي مسئلي کي ڏسندي آر او پلانٽ جو افتتاح ڪري پيئڻ جي پاڻي جي سهولت فراهم ڪئي آهي، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، خبر موجب ؛ صوبائي وزير پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ ۽ بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه پاران ريڙهي ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ لڳايل آر او پلانٽ جو افتتاح ڪيو ويو، ان موقعي تي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو، وزيراعليٰ سنڌ جي خاص مددگار سلمان عبدالله مراد،  ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، ايم پي اي سليم بلوچ، ايم پي اي راجا رزاق بلوچ، ايم پي اي شاهينا شير علي، ضلع ڪائونسل ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر نور حسن جوکيو، ڊپٽي ڪمشنر ملير گهنور علي لغاري، اڳوڻي وائس چيئرمين ضلع ڪائونسل ڪراچي رفيق دائود جت ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي حقيقي عوامي جماعت آهي، جنهن غريب عوام جي خدمت ڪئي آهي، پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ سدائين عوام جا مسئلا حل ڪري بنيادي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، هن چيو ته ريڙهي ڳوٺ جي عوام جي پاڻي جي مسئلي کي ڏسندي آر او پلانٽ جو افتتاح ڪري پيئڻ جي پاڻي جي سهولت فراهم ڪئي آهي، هن چيو ته مسلم هينڊ جي تعاون سان لڳايل پلانٽ مان 35 هزار گيلن پاڻي روزاني جي بنياد تي آبادي کي فراهم ڪري سگهجي ٿو جنهن سان 5 هزار گهر ۽ 35 هزار ماڻهو هن پلانٽ مان فائدو حاصل ڪري سگهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.